ڀارت ۾ هارين جواحتجاج، ڌرڻي ۾ هڪ ٻئي هاريءَ خودڪشي ڪري ڇڏي

نئين دهلي: مودي حڪومت خلاف ڀارت ۾ هارين جي احتجاج شدت اختيار ڪري ورتي آهي، ڌرڻي ۾ هڪ ٻئي هاريءَ خودڪشي ڪري ڇڏي آهي.
تڪراري زرعي قانون خلاف ڀارت ۾ هارين جا مظاهرو جاري آهن، دلي ۽ ان جي ڀرپاسي هاري هڪ مهيني کان وڌيڪ عرصي کان ڌرڻو هڻي ويٺل آهن، احتجاج دوران هڪ ٻئي هاريءَ خودڪشي ڪري ڇڏي آهي، دلي جي وڏي وزير اروند ڪيجريوال چيو ته تڪراري زرعي قانون سان هارين کي نه پر سندس ڪاروباري دوستن کي فائدو ٿيندو، هن مودي جي وزيرن کي هارين سان بحث جو چيلينج به ڏنو.
ڪانگريس ليڊر پريانڪا گانڌهي چيو ته مودي سرڪار جيڪي لفظ هارين لاءِ استعمال ڪري رهي آهي اهي ڏوهه آهن، تڪراري قانون کي واپس وٺڻ گهرجي، سماجي ليڊر انا هزاري به مودي سرڪار خلاف ۽ هارين جي حق ۾ احتجاج جو اعلان ڪيو آهي، احتجاج ڪيترن ئي شهرن ۾ ڦهلجي ويو آهي، تمام گهڻي سيءَ باوجود هاري پرجوش آهن ۽ پنهنجي مدد پاڻ تحت تحريڪ هلائي رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔