سپريم ڪورٽ سرڪاري اهلڪارن تي حملو دهشتگردي ۽ رياستي رٽ تي حملو قرار ڏئي ڇڏيو
اسلام آباد: سپريم ڪورٽ لاهور ۾ ٻن پوليس آفيسرن ۽ هڪ ڪانسٽيبل کي قتل ڪندڙ ڏوهاري مشتاق احمد جي نظرثاني درخواست کي رد ڪري ڇڏيو آهي.
سپريم ڪورٽ قرار ڏنو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن تي حملو دهشتگردي جي دائري ۾ اچي ٿو. عدالت موجب سرڪاري اهلڪارن تي حملو رياست جي رٽ ۽ انصاف جي نظام تي سڌو سنئون حملو آهي، جڏهن ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي نشانو بنائڻ ذاتي دشمني نه پر اها دهشتگردي آهي.
عدالت چيو ته نظرثاني جي درخواست 1598 ڏينهن جي دير سان داخل ڪئي وئي، درخواستگذار دير جي هڪ هڪ ڏينهن جو معقول جواز پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. سپريم ڪورٽ موجب ڏوهاري مشتاق احمد تي ڊيوٽي دوران ٻن پوليس آفيسرن ۽ هڪ ڪانسٽيبل کي قتل ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيو آهي، ڏوهاري سرڪاري فرض انجام ڏيڻ جي دوران پوليس اهلڪارن تي فائرنگ ڪئي هئي.
عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته ٽرائل ڪورٽ ڏوهاري کي 3 ڀيرا موت جي سزا ٻڌائي هئي، پر سپريم ڪورٽ پنهنجي پهرين فيصلي ۾ موت جي سزا کي عمر قيد ۾ تبديل ڪري ڇڏيو هو. جسٽس اشتياق ابراهيم لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.
درخواستگذار مشتاق احمد سپريم ڪورٽ جي 2019 جي فيصلي خلاف نظرثاني اپيل داخل ڪئي هئي. سپريم ڪورٽ درخواستگذار جي موت جي سزا کي عمر قيد ۾ تبديل ڪيو هو. عدالت دهشتگردي جي خاتمي وارن قلمن تحت 3 ڏوهارين کي عمرقيد جي سزا ٻڌائي هئي. سپريم ڪورٽ نظرثاني درخواست ۾ عمر قيد جي سزا برقرار رکندي اپيل کي رد ڪري ڇڏيو.
سپريم ڪورٽ موجب درخواستگذار انهي وقت ٻن پوليس آفيسرن ۽ هڪ ڪانسٽيبل تي فائرنگ ڪئي جڏهن اهي ڊيوٽي تي هئا، عدالت اهو به قرار ڏنو ته پرائيويٽ تڪرار دوران به قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي نشانو بنائڻ رياست جي اٿارٽي جي سڌو سنئون توهين آهي.
تبصرے بند ہیں۔