ميلسي ۾ ڏکوئيندڙ واقعو: مڙس سان جهيڙي تي زال 3 ٻارن کي قتل ڪري پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏيو

لاهور:  پنجاب جي ضلعي ميلسي ۾ گهر مان ماءُ ۽ انهي جي ٽن ٻارن جا لاش هٿ آيا آهن جڏهن ته واقعي جي جاچ ۾ دل ڏکوئيندڙ تفصيل سامهون اچي ويا آهن.

پوليس موجب ميلسي جي علائقي فتح پور ۾ ماءُ اگهور ننڊ ستل ٽن ٻارن کي ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪيو بعد ۾ پاڻ به زندگي جو انت آڻي ڇڏيو. شروعاتي جاچ موجب واقعي جو سبب زال مڙس جي وچ ۾  ٿيل  جهيڙو آهي. عورت جي مڙس کي گرفتار ڪيو ويو آهي. جڏهن ته فوت ٿي ويل ٻارن جون عمرون 3 کان 8 سالن جي وچ ۾ آهن جڏهن ته عورت جي عمر 30 سال آهي.

ايف آءِ آر جي متن ۾ لکيو ويو آهي ته ميلسي جي علائقي فتح پور ۾ ماءُ ننڊ ستل ٽن ٻارن کي ڪهاڙي جا وار ڪري قتل ڪيو جنهن کان پوءِ عورت پنکي سان لٽڪي پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏيو، ماءُ ۽ ٽنهي پٽن جي جنازي نماز ادا ڪرڻ کان پوءِ تدفين ڪئي وئي آهي.

فوت ٿي ويل عورت ۽ ٻارن جو ٽي ايڇ ڪيو اسپتال ميلسي ۾ پوسٽ مارٽم ڪيو ويو، واقعي جو ڪيس عورت جي ڀاءُ جي مدعيت ۾ داخل ڪيو ويو آهي.

 

تبصرے بند ہیں۔