ڪراچي:عالمي ڪپ جي پڄاڻي بعد فاتح ٽيم اسپين پنهنجي وطن پهچي وئي آهي جتي هر چوڪ ۽ گهٽي ۾ جشن ملهايو پيو وڃي. جڏهن ته ايجنٽينا ۾ ماڻهو احتجاج ڪندي ڀڃ ڊاهه ڪري رهيا آهن.
عالمي فٽبال فيڊريشن (فيفا) چيو آهي ته ورلڊ ڪپ فائنل جي آخري سيٽي وڄڻ کان پوءِ ميدان ۾ پيش آيل پرتشدد ۽ اڻ وڻندڙ واقعن بابت ارجنٽينا جي رانديگرن خلاف جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
فيفا جي ڊسپلنري ڪميٽي هڪ پراسيڪيوٽر مقرر ڪيو آهي، جيڪو اسٽيڊيم ۾ آخري سيٽي کان پوءِ پيش آيل واقعن جو جائزو وٺندو.
جهيڙي ۾ ملوث ڪنهن به رانديگر يا ڪوچ کي معطلي کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو، جڏهن ته ارجنٽينا جي فٽبال ايسوسيئيشن (AFA) تي ڏنڊ پڻ لاڳو ٿي سگهي ٿو.
آچر ڏينهن اسپين هٿان 1-0 جي شڪست کان پوءِ ارجنٽينا جي ٽيم ۽ ان جي ڪوچنگ اسٽاف جا ڪجهه ميمبر اسپين جي رانديگرن سان جهيڙي ۾ ملوث نظر آيا. ان وقت اسپين جا رانديگر ورلڊ ڪپ جي فتح جو جشن ملهائي رهيا هئا.
ارجنٽينا جا ناهويل مولينا، لياندرو پاريڊيس، تياگو المادا ۽ اسسٽنٽ ڪوچ روبرٽو آيالا به ظاهري طور ان جهيڙي ۾ شامل هئا.
شروعاتي طور فيفا چيو هو ته پاريڊيس اسپين جي رانديگر ايرڪ گارسيا جو ڳلو دٻايو، جنهن تي ريفري کيس ريڊ ڪارڊ ڏيئي ميدان مان ٻاهر موڪلي ڇڏيو.
ٿوري ئي دير بعد پاريڊيس جو ريڊ ڪارڊ رڪارڊ مان هٽايو ويو. فيفا بي بي سي اسپورٽ کي تصديق ڪئي آهي ته ان وقت سندس خلاف ڪا به ڊسپلنري ڪارروائي نه ڪئي وئي هئي.
ارجنٽينا جي هڪ ٻئي رانديگر اينزو فرنانڊيز کي اڳ ئي ٻه سخت ٽيڪل ڪرڻ سبب ريڊ ڪارڊ ملي چڪو هو ۽ کيس ميدان مان ٻاهر موڪليو ويو هو.
فيفا اڳ ئي ارجنٽينا خلاف هڪ ٻي ممڪنه ڊسپلنري ڪارروائي شروع ڪري چڪو هو، ڇاڪاڻ ته انگلينڊ خلاف سيمي فائنل ۾ 2-1 جي ڪاميابي کان پوءِ ارجنٽينا جي رانديگرن فاڪلينڊ ٻيٽن تي پنهنجي ملڪ جي دعويٰ جي حمايت ۾ هڪ بينر کڻي جشن ملهايو هو.
هوڏانهن ليونل ميسي چيو آهي ته ورلڊ ڪپ فائنل ۾ شڪست کان پوءِ هو ”تمام گهڻي تڪليف“ ۾ آهي ۽ ”هن زخم کي ڀرڻ ۾ وقت لڳندو.“
ميسي هاڻي ورلڊ ڪپ جا ٻه فائنل هارائي چڪو آهي. ان کان اڳ 2014ع ۾ به ارجنٽينا کي جرمني هٿان 1-0 تان شڪست ملي هئي.
39 ورهين جي ميسي جي 2030ع جي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت جا امڪان گهٽ نظر اچن ٿا، پر هن اڃا تائين پنهنجي عالمي فٽبال مستقبل بابت ڪو حتمي فيصلو ظاهر ناهي ڪيو.
ميسي سوشل ميڊيا تي پنهنجي پيغام ۾ اسپين کي ورلڊ ڪپ کٽڻ تي مبارڪباد پڻ ڏني.
نيو جرسي ۾ آخري سيٽي وڄڻ شرط ارجنٽينا جا ڪجهه رانديگر، جن ۾ ليونل ميسي پڻ شامل هو، مايوسي سبب ميدان تي ڪري پيا، جڏهن ته ٻيا رانديگر خاموشي سان بيٺا رهيا. ان جي ابتڙ اسپين جا رانديگر خوشي وچان ڊوڙندي ميدان ۾ جشن ملهائڻ لڳا.
روڊري، جنهن کي اضافي وقت دوران ٻيهر ميدان ۾ موڪليو ويو هو، ڊگ آئوٽ مان نڪري پنهنجن ساٿين سان جشن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ڊوڙيو. جڏهن هو ارجنٽينا جي رانديگر ناهويل مولينا جي ڀرسان لنگهيو ته رپورٽن موجب مولينا روڊري جي ٻانهن يا پيٽ تي مُڪو هنيو. ان ئي واقعي کان پوءِ ٻنهي ٽيمن جي رانديگرن وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي ۽ جهيڙو شروع ٿي ويو.
روڊري مولينا کي منهن ڏنو، پر مولينا جارحاڻي انداز ۾ اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪئي. اسپين جو محافظ ايرڪ گارسيا پنهنجي ساٿي جي حمايت لاءِ اڳتي آيو، جنهن تي ارجنٽينا جو لياندرو پاريڊيس به وچ ۾ اچي ويو ۽ هن گارسيا جو ڳلو دٻايو.
استعمال نه ٿيل متبادل رانديگر گاوي جهيڙو روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، پر تياگو المادا کيس ڌڪو ڏئي زمين تي ڪيرائي ڇڏيو. ان کان پوءِ پاريڊيس گاوي جي چهري تي هٿ رکي کيس به زمين تي ڌڪو ڏنو. ان دوران اسسٽنٽ ڪوچ روبرٽو آيالا به ايرڪ گارسيا جو ڳلو پڪڙيندي نظر آيو، جڏهن ته بعد ۾ کيس اسپين جي مڊفيلڊر داني اولمو تي به حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي ڏٺو ويو.
بي بي سي ون جي نشريات دوران اڳوڻي انگلش فٽبالر ايلن شيرر چيو ته، ”پاريڊيس هڪ رانديگر جي چهري تي ٻه يا ٽي مُڪا هڻڻ جي ڪوشش ڪئي. هو سندس پٺيان پئجي ويو هو. فٽبال ۾ اهڙي رويي جي ڪا به جاءِ ناهي.“
هن وڌيڪ چيو، ”اسان ڄاڻون ٿا ته فائنل هارائڻ ڪيترو ڏکيو هوندو آهي، پر شڪست قبول ڪرڻ جو به هڪ طريقو هوندو آهي. ارجنٽينا جي ٽيم جو پرتشدد رويو اڳ به ڪيترائي ڀيرا ڏٺو ويو آهي. آخري سيٽي کان پوءِ سندن ردعمل انتهائي افسوسناڪ هو.“
اڳوڻي انگلش گول ڪيپر جو هارٽ چيو، ”ميچ ختم ٿي چڪو هو ۽ اڄ جيڪو ڪجهه ٿيو، ان بابت ارجنٽينا کي ڪنهن به قسم جي شڪايت جو حق ناهي. اهو انتهائي شرمناڪ رويو هو.“
ٻئي طرف ارجنٽينا جي هيڊ ڪوچ ليونل اسڪالوني، جنهن ميدان تي ڇڪتاڻ گهٽائڻ جي ڪوشش ڪئي، ميچ کان پوءِ پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ انهن واقعن کي گهڻي اهميت نه ڏني.
هن چيو، ”اسان کي فتح ۾ به سٺو اخلاق ڏيکارڻ گهرجي ۽ شڪست ۾ به.“ اسڪالوني وڌيڪ چيو، ”اڄ اسان ڏيکاري رهيا آهيون ته اسان کي هار قبول ڪرڻ اچي ٿي.“
هن چيو، ”اسان ميچ هارائي آهي ۽ ان حقيقت کي قبول ڪريون ٿا، پر ان جو مطلب اهو ناهي ته اسان جيئڻ ڇڏي ڏيون يا هتي تائين پهچڻ لاءِ جيڪا محنت ڪئي، ان کي وساري ڇڏيون.“
ارجنٽينا کي ڪهڙي قسم جي ڪارروائي کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو؟
فيفا جي ڊسپلنري ڪميٽي وٽ اهڙن معاملن ۾ ڪيترائي اختيار موجود آهن. ڊسپلنري ۽ اخلاقيات بابت پراسيڪيوٽر جي مقرري کان پوءِ فيفا نه رڳو ممڪنه تشدد واري رويي، پر ٻين ضابطن جي ڀڃڪڙين جو پڻ تفصيلي جائزو وٺندو.
جيڪڏهن رانديگرن يا قومي فٽبال ايسوسيئيشن تي باقاعده فردِ جرم لاڳو ڪئي وڃي ۽ کين قصوروار قرار ڏنو وڃي ته وڌيڪ سخت سزائون به ڏئي سگهجن ٿيون. فيفا جي ڊسپلنري ضابطن جو آرٽيڪل 13 توهين آميز رويي ۽ فيئر پلي جي اصولن سان لاڳاپيل آهي. رانديگرن ۽ ٽيم جي عملدارن جي حرڪتن کي ”مهذب رويي جي بنيادي اصولن جي ڀڃڪڙي“ ۽ ”فٽبال يا فيفا جي ساک کي نقصان پهچائيندڙ رويو“ قرار ڏئي سگهجي ٿو.
ڊسپلنري ۽ اخلاقيات وارو پراسيڪيوٽر ”سختي ڪندڙ ۽ نرمي وارن ٻنهي حالتن“ کي نظر ۾ رکندو، جڏهن ته کيس عالمي سطح تي پابندي لاڳو ڪرڻ جا اختيار پڻ حاصل آهن.
فيفا اڳ به انهيءَ ئي شق تحت اسپين جي فٽبال فيڊريشن جي ان وقت جي صدر لوئس روبيالس خلاف ڪارروائي ڪئي هئي، جڏهن هن اسپين جي عورتن جي ورلڊ ڪپ فائنل ۾ انگلينڊ کي شڪست ڏيڻ کان پوءِ رانديگرياڻي جيني هرموسو کي چپن تي چمي ڏني هئي.
روبيالس کي 2023ع ۾ فٽبال سان لاڳاپيل سڀني سرگرمين کان ٽن سالن لاءِ معطل ڪيو ويو هو، ۽ سندس اپيل پڻ رد ڪئي وئي هئي.
ساڳئي ريت، يوراگوئي جي اسٽار اسٽرائيڪر لوئس سواريز کي 2014ع جي ورلڊ ڪپ دوران اٽلي جي محافظ جيورجيو ڪيليني کي چڪ هڻڻ سبب چئن مهينن لاءِ هر قسم جي فٽبال سرگرمي کان معطل ڪيو ويو هو.
ان پابندي جي نتيجي ۾ سواريز، جيڪو ان وقت ليورپول جو رانديگر هو، پريميئر ليگ جي سيزن جا پهريان نو ميچ به نه کيڏي سگهيو هو.
تنهن هوندي به، تياگو المادا، روبرٽو آيالا، ناهويل مولينا ۽ لياندرو پاريڊيس کي ايتري ڊگهي پابندي ملڻ جا امڪان گهٽ سمجهيا پيا وڃن.
تبصرے بند ہیں۔