ايران آمريڪا کان اهم منظوري وٺڻ ۾ ڪاميابي ماڻي ورتي

واشنگٽن: آمريڪا ايران کي ڪورونا ويڪسين جي خريداري لاءِ فنڊ ٽرانسفر جي اجازت ڏئي ڇڏي.
عالمي ميڊيا جي رپورٽن موجب ايراني سينٽرل بينڪ جي سربراهه ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته آمريڪا ايران کي ٻين ملڪن کان ڪورونا ويڪسين خريدڻ لاءِ فنڊ ٽرانسفر جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.
ايراني سينٽرل بينڪ جي گورنر عبدالنصر حماتي جو چوڻ آهي ته سينٽرل بينڪ کي ويڪسين جي خريداري جي سلسلي ۾ سوئس بينڪ کي ادائيگي لاءِ آمريڪي ناڻي واري وزارت جي فارن ايسيٽس ڪنٽرول آفس جي منظوري ملي وئي آهي.
عبدالنصر حماتي چيو ته آمريڪا اسان جي سمورين بينڪن تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي ان ڪري هنن عالمي دٻاءَ کي نظر ۾ رکندي رڳو ان ڪيس جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔