پي ٽي اي پاران گستاخ مواد جي پکيڙ تي گوگل ۽ وڪي پيڊيا کي نوٽيس جاري

اسلام آباد: پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) گوگل ۽ وڪي پيڊيا کي گستاخ مواد پکيڙڻ تي نوٽيس جاري ڪندي گوگل کي غير قانوني مواد کي فوري طور هٽائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.پي ٽي اي طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) گوگل ۽ وڪي پيڊيا کي پليٽ فارمز جي ذريعي گستاخ مواد پکيڙڻ واري معاملي تي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.پي ٽي اي اِهو قدم احمديه ڪميونٽي طرفان گوگل پلي اسٽور تي قرآن پاڪ جو اڻ تصديقي ويزن اپ لوڊ ڪرڻ ۽ موجوده خليفه اسلام بابت گمراهه ڪندڙ سرچ رزلٽس جي حوالي سان مليل شڪايتن جو نتيجو آهي، معاملي جي انتهائي سنجيده نوعيت کي نظر ۾ رکندي پي ٽي اي گوگل سان رابطو ڪري ان قسم جي غير قانوني مواد کي فوري طور هٽائڻ جي هدايت ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔