قائد اعظم جي ڪري آزاد ماحول ۾ اک کولڻ جو موقعو مليو: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح کي قيام پاڪستان ۾ سندس ڪردار تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته اسان کي قائداعظم جي فرمان اتحاد، ايمان ۽ تنظيم تي عمل ڪرڻ لاءِ قومي جذبي جي ضرورت آهي ته جيئن ملڪ کي درپيش سمورن چئلينجن تي ضابطو آڻي سگهجي. زندگي جي سمورن شعبن ۾ عظيم قائد جي نقش قدم تي هلندي قوم کيس ڀرپور خراج عقيدت پيش ڪري. قائداعظم محمد علي جناح جي يوم ولادت تي هڪ پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح ئي اها شخصيت آهي جنهن جي ڪري هڪ آزاد ماحول ۾ اسان کي اک کولڻ جو موقعو مليو. قائداعظم محمد علي جناح ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ هڪ ويزن رکندو هو جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان جي شڪل ۾ هڪ ڌار مملڪت قائم ٿيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔