اسرائيل سان بهتر لاڳاپن جا خواهشمند آهيون: ترڪ صدر

استنبول : ترڪ صدر رجب طيب اردوان چيو آهي ته اسرائيل مان بهتر لاڳاپن جا خواهشمند آهيون پر فلسطين پاليسي اسان جي ريڊ لائن آهي.
گذريل ڏينهن 2 سالن کان پوءِ ترڪي اسرائيل ۾ پنهنجو سفير واپس مقرر ڪيو ۽ ان عرصي ۾ ٻنهي ملڪن ۾ لاڳاپا ڪجهه بهتر نه رهيا.
ترڪي اسرائيل کي قبول ڪري رکيو آهي پر ترڪي فلسطين جي آزادي ۽ خودمختاري جي مڪمل حمايت ۽ آمريڪي سفارتخاني جي والاريل بيت المقدس منتقلي جو سخت مخالف آهي.
استنبول ۾ جمعي نماز کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ترڪ صدر جو چوڻ هو ته فلسطين پاليسي اسان جي ريڊ لائن آهي ۽ اسرائيل جي فلسطين پاليسي کي قبول ڪرڻ اسان لاءِ ناممڪن آهي.
هن چيو ته اسرائيل جي اعليٰ اختيارين سان مسئلا نه هجن ها ته ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جي نوعيت مختلف هجي ها، اسان لاڳاپن کي بهتر رکڻ جا خواهشمند آهيون جڏهن ته انٽيليجنس سطح تي اسرائيل سان سهڪار جاري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔