شوٽنگ دوران رجني ڪانت جي طبيعت خراب، اسپتال منتقل

ممبئي : ڀارتي فلم انڊسٽري جي مشهور اداڪار رجني ڪانت کي بلڊپريشر وڌي وڃڻ سبب اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب 70 ورهين جو رجني ڪانت حيدرآباد ۾ پنهنجي نئين فلم جي شوٽنگ ۾ مصرورف هو، ان دوران ٽيم جي 4 ميمبرن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيڻ تي شوٽنگ کي معطل ڪيو ويو هو.
جنهن کان پوءِ رجني ڪانت جي ڪورونا ٽيسٽ به ڪئي وئي جيڪي ناڪاري آئي، پر بلڊ پريشر ۾ تيزي سان ٿيندڙ تبديلي سبب اداڪار جي حالت بگڙجي وئي جنهن ڪري کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو.
حيدرآباد جي اپولو اسپتال طرفان جاري ڪيل پريس رليز ۾ چيو ويو آهي ته اداڪار کي 24 نگراني ۾ رکيو ويو آهي ته جيئن سندس تبديل ٿيندڙ بلڊپريشر جو رڪارڊ رکي سگھجي ۽ ان حساب سان علاج ڪيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔