ٿوم ۽ ماکيءَ سان وزن گھٽ ڪرڻ جو طريقو!

هر کاڌي ۾ استعمال ٿيندڙ ٿوم هر گهر جي بورچي خاني ۾ موجود هوندي آهي، ٿوم هڪ قدرتي اينٽي بائيوٽڪ آهي جيڪا انساني جسم تي ڪنهن به بيماري جي حملي جي مزاحمت ڪندي آهي خاص طور تي جيڪڏهن ان کي خالي پيٽ باقاعدگي سان کاڌو وڃي.

ٻي پاسي ماکي به جا ڪيترائي فائدا آهن، طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته ٻنهي انهن ٻنهي شين کي گڏائي استعمال ڪرڻ جا حيران ڪندڙ فائدا حاصل ڪري سگهجن ٿا.

ميڊيا رپورٽن موجب طبي ماهرن طرفان ٿوم ۽ ماکي کي گڏائي کائڻ جا ڪيترائي فائدا ٻڌايا ويا آهن، جن مان هڪ وزن ۾ گھٽتائي به شامل آهي، اهڙا ماڻهو جيڪي وزن ۾ گھٽتائي جي خواهش رکن ٿا اهي اهو سادو ۽ قدرتي نسخو ضرور اپنائين ڇو جو ان جي استعما سان جسم جي فالتو چرٻي جي خاتمي ۾ حيران ڪندڙ مدد ملي ٿي.

استعمال جو طريقيڪار
ان قدرتي نسخي کي تيار ڪرڻ لاءِ ٿو جي هڪ ڳڙي کي سنهڙو ڪاٽي هڪ چمچو ماکي ۾ مڪس ڪري وٺو روزانو صبح جو خالي پيٽ کائو.

ٻيو طريقو اهو اهي ته ٿو کي سنهڙو ڪُٽي وٺو پوءِ ان کي هڪ چمچي ماکي ۾ سٺي طرح ملائڻ بعد روزانو صبح جو خالي پيٽ کائو، هڪ هفتي تائين ان جو استعمال جاري رکو.

ٿوم ۽ ماکي جي استعمال جو هڪ طريقو اهو به آهي ته هڪ جار ۾ ماکي وجهو ۽ ان ۾ ٿوم جون ايتريون ڳڙيون وجهو اهي ماکي ۾ مڪمل ٻڏي وڃن. پوءِ انهن کي رکي ڇڏيو ۽ روزانو ان مان هڪ ڳڙي ڪڍي خالي پيٽ کائو.

ٿوم ۽ ماکي جي استعمال جا فائد
اهو قدرتي نسخو ٿولهه ۾ گھٽتائي سان گڏوگڏ اسان جي جسم مان خراب مادن جي صفائي ڪري ٿو. ان جي رڳو هڪ هفتي جي استعمال سان جلد جا گھنج ختم ٿيڻ لڳن ٿا. جيڪڏهن جسم تي ڪو زخم موجود آهي ته ان جي استعمال سان تمام جلد اهو ٺيڪ ٿي ويندو.

ٿوم ۽ ماکيءَ جو استعمال جيري کي صحتمند بڻائي ٿو ۽ دل جي مرضن ۽ شگر لاءِ به گھڻو فائديمند آهي.ا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔