سدرن پنجاب سيڪنڊ اليون پاڪستان ون ڊي ٽورنامينٽ کٽي ورتو

ڪراچي: سدرن پنجاب اليون پاڪستان ون ڊي ٽورنامينٽ کٽي ورتو آهي جڏهن ته سنڌ جي ٽيم جا هٿ خالي رهيا.
ايونٽ جي پنجين ڏينهن ۽ آخري رائونڊ ۾ بلوچستان سينٽرل پنجاب کي 9 وڪيٽن سان مات ڏني، سنڌ ناردرن کي 93 رنز سان زير ڪيو، سدرن پنجاب خيبرپختونخواهه کي 8 وڪيٽن سان قابو ڪيو، سنڌ جي فراز علي 119 ۽ سدرن پنجاب مختار احمد 91 رنز سان نمايان رهيو.
آخري رائونڊ جي آخر ۾ سدرن ۽ سنڌ جي ٽيمن کي سندن 4،4 ميچز کٽڻ لاءِ ڪاميابي حاصل ٿي، ٻنهي کي هڪ هڪ ڀيرو ناڪامي جو منهن ڏسڻو پيو، پر سدرن جي ٽيم 1.016 جي ريٽ رن ريٽ سان ٽائٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو، سنڌ ٽيم کي 0.683 سان ٻين پوزيشن تي رهڻو پيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔