بي اولاد جوڙي ڳئون جي ٻچڙي کي پنهنجو پٽ بڻائي ڇڏيو

اترپرديش:ڀارتي رياست اترپرديش ۾هڪ بي اولاد جوڙي ڳئون جي ٻچڙي کي پنهنجو پٽ بڻائي گود وٺي ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا موجب ضلعي شاهجهان پور جي شهري وجيپال ۽ سندس زال راجيشوري ديوي جي شادي کي 15 سال ٿي ويا هئا، پر کين اولاد نه ٿيو.
وجيپال چيو ته اسان پنهنجي ٻچڙي (لالتو) کي بلڪل پنهنجي پٽ جيان سمجهندا هئاسين ۽ ان سان پنهنجي اولاد وانگي پيار ڪندا آهيون.
هن چيو ته ٻچڙي کي جنم ڏيندڙ ڳئون مري وئي ته هي يتيم ٿي ويو هو جنهن کانپوءِ اسان ان کي پنهنجو پٽ سمجهي گود وٺڻ جو فيصلو ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔