جنسي تشدد جا پنجانوي سيڪڙو واقعا حقيقي هوندا آهن: فهد مصطفيٰ

ڪراچي: اداڪار ۽ پروڊيوسر فهد مصطفيٰ جو چوڻ آهي ته جنسي تشدد جا پنجانوي سيڪڙو واقعا حقيقي هوندا آهن.
فهد مصطفيٰ سندس نئين ايندڙ ڊرامي”ڏنگ“ جي ڪهاڻي تي روشني وجهندي چيو آهي ته 95 سيڪڙو جنسي تشدد جا واقعا حقيقي هوندا آهن پر ڪن وقتن ۾ ماڻهن تي ڪوڙا الزام به هينا ويندا آهن تنهن ڪري اسان کي هر قسم جي ڪهاڻي ٻڌائڻي پوندي.
فهد مصطفيٰ جي ڊرامي”ڏنگ“ جي ڪهاڻي جنسي طور تشدد ڪرڻ وارن ڪوڙن الزامن جي چوڌاري گهمي ٿي، ان ڊارمي ۾ اداڪار بلال عباس خان، ثنا جاويد ۽ نعمان اعجاز مرڪزي ڪردار ادا ڪيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔