جعلي حڪمرانن کي هر صورت ۾ گهر ڀيڙو ڪيو ويندو: مريم نواز

لاهور: پي ڊي ايم ڪليئر آهي ته جعلي حڪومت سان ڪي به ڳالهيون نه ٿينديون، سينيٽ چونڊون اڳتي پوئتي ڪريو يا شو آف هينڊز ڪرايو، جعلي حڪمرانن کي هر صورت ۾ گهر ڀيڙو ڪيو ويندو، نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته شهباز شريف نواز ليگ سان وفادار نه هجي ها ته عمران خان کي وزيراعظم بڻائڻ جي ضرورت نه هئي، شهباز شريف ئي وزيراعظم ٿئي ها، نواز ليگ ۾ اڪثريت جي راءِ آهي ته ضمني چونڊن ۾ حصو وٺڻ گهرجي، حتمي فيصلو پي ڊي ايم جي قيادت ئي ڪندي، سکر روانو ٿيڻ کان اڳ لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته حيرت آهي جو شهباز شريف سان خاندان کي ملڻ نٿو ڏنو وڃي، باقي ٻين شخصيتن جي ملاقات لاءِ راهه هموار ڪئي وڃي ٿي، شهباز شريف کي خبر ناهي هوندي ته جيل ۾ مون سان ڪير ملڻ اچي رهيو آهي، اوچتو خبر پوڻ تي ماڻهو ملڻ کان انڪار به نه ڪري سگهندو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔