سنڌ ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 7 مريض فوت، 812 نوان ڪيس ظاهر

ڪراچي: سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا وائرس جا 812 نوان ڪيس سامهون اچي ويا، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا صورتحال بابت جاري بيان ۾ چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ سنڌ اندر 7 مريض ڪورونا سبب فوت ٿي ويا، سنڌ ۾ فوت ٿي ويل مريضن جو انگ 3469 ٿي ويو آهي، سنڌ ۾ هيل تائين ڪورونا وائرس جا 2 لک 10 هزار 241 ڪيس سامهون اچي چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔