سيڪيورٽي فورسز جون پختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ ڪارروايون، 32 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي:  سيڪيورٽي فورسز جون خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ ڪارروائين جي نتيجي ۾ 32 دهشتگرد مارجي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم فتنته الخوارج ۽ فتنته الهندستان جي دهشتگرد نيٽ ورڪس جي خلاف خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ گڏيل ڪارروايون ڪيون، اهڙين ڪارروائين ۾ گذريل 24 ڪلاڪن جي دوران 32 دهشتگرد مارجي ويا آهن.

پاڪ فوج جي ترجمان موجب 28 ۽ 29 جولاءِ تي ضلعي خيبر ۾ انٽيليجنس بنياد تي ڪيترائي آپريشن ۽ علائقي ۾ ڪليئرنس ڪارروايون ڪيون ويون، جنهن ۾ سيڪيورٽي فورسز مختلف دهشتگرد ٺڪاڻن کي نشانو بنايو جنهن دوران فتنته الخوارج سان تعلق رکندڙ 24 دهشتگرد مارجي ويا.

هوڏانهن بلوچستان جي ضلعي نوشڪي ۾ به انٽيليجنس جي بنياد تي ڪيتريون ئي ڪارروايون ڪيون ويون جتي شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ فتنته الهندستان سان تعلق رکندڙ 8 دهشتگرد مارجي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب ڪارروائين جي دوران دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار،  بارودي مواد(آئي اي ڊيز) به هٿ ڪري تباهه ڪيو ويو جڏهن ته علائقي ۾ وڌيڪ دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن جي موجودگي جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.

ترجمان موجب وفاقي ايپڪس ڪميٽي جي منظور ڪيل نيشنل ايڪشن پلان جي تحت عزم استحڪام جي وزن موجب سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ملڪ ۾ ٻاهرين سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين پنهنجون ڪارروايون پوري طاقت سان جاري رکندي.

 

تبصرے بند ہیں۔