عالمي ۽ مقامي مارڪيٽن ۾ سون سستو ٿي ويو، چاندي جي قيمتن ۾ اضافو

ڪراچي:  سون جي عالمي ۽ مقامي مارڪيٽن ۾ قيمتن ۾ گهٽتائي جڏهن ته چاندي جي قيمت ۾ اضافي جو رجحان آهي.

عالمي بلين مارڪيٽ ۾ اڄ اربع ڏينهن جي في اونس سون جي قيمت 10 ڊالر جي گهٽتائي سان 4 هزار 40 ڊالر جي سطح تي اچڻ سبب مقامي صرافه مارڪيٽن ۾ به في تولو سون جي قيمت هڪ هزار روپين جي گهٽتائي سان 4 لک 26  هزار 436 روپين جي سطح تي اچي وئي. اهڙي طرح مقامي سطح تي في 10 گرام سون جي قيمت 857 روپين جي گهٽتائي سان 3 لک 65 هزار 600 روپيه ٿي وئي.

سون جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي ابتڙ عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس چاندي جي قيمت 68  سينس جي اضافي سان 58 ڊالر 12 سينٽس جي سطح تي اچڻ جي نتيجي ۾ مقامي صرافه مارڪيٽن ۾ به في تولو چاندي جي قيمت 68 روپين جي اضافي سان 6 هزار 291 روپيه ۽ في 10 گرام چاندي جي قيمت 58 روپين جي اضافي سان 5 هزار 393 روپين جي سطح تي اچي وئي.

 

تبصرے بند ہیں۔