فضل الرحمان کي هن وقت نوٽيسز جاري ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي: سليم مانڊوي والا

اسلام آباد: سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان کي هن وقت نوٽيسز جاري ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي، اهڙي قسم جون حرڪتون ئي نيب کي بدنام ڪن ٿيون، سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين جي هڪ ڀيرو ٻيهر نيب مٿان ڇتي تنقيد ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ قانون سڀني لاءِ هڪجهڙو هجڻ گهرجي، مولانا فضل الرحمان خلاف ڪنهن ٻئي وقت به نوٽيسز جاري ٿي پئي سگهيا، آئون پنهنجي خلاف نوٽيسز جو جواب عدالت ۾ ڏيندس، نيب کي به ڪورٽ ۾ اچڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔