لاهور: باغبانپوره جي علائقي ڪوٽلي پير عبدالرحمان، بهٽه محمد دين ڪالوني ۾ زبون حال 3 ماڙ گهر جون ڇتون ڪرڻ سبب خوفناڪ حادثو پيش آيو جنهن جي نتيجي ۾ ٻن عورتن ۽ هڪ ٻار سميت هينئر تائين جي رپورٽ موجب 10 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.
ريسڪيو ٽيمون ملبي هيٺيان دٻيل ماڻهن کي ڪڍڻ جي لاءِ مسلسل امدادي ڪارروايون جاري رکيون آهن. ريسڪيو ذريعن موجب 2 ماڻهو اڃان تائين ملبي هيٺيان دٻيل آهن جن جي ڳولا لاءِ ريسڪيو آپريشن جاري آهي.
متاثر خاندان جي ويجهي عزيز نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي ٻڌايو ته هينئر تائين 10 لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن، پنج زخمين مان 2 اسپتال داخل آهن جڏهن ته ٻين کي طبي امداد بعد فارغ ڪيو ويو آهي، هڪ ٻار جو لاش اڃان تائين ملبي هيٺيان موجود آهي.
علائقي جي رهواسين ريسڪيو آپريشن تي عدم اعتماد جو اظهار ڪندي چيو ته واقعي کان پوءِ پاڙي وارن پنهنجي مدد پاڻ تحت ريسڪيو آپريشن ڪري رهيا هئا جن پنهنجي مدد پاڻ تحت 4 ڄڻن کي زنده ملبي مان ڪڍيو. پاڙي وارن جو چوڻ هو ته ريسڪيو ۽ پوليس اچي پاڙي وارن کي وڌيڪ ريسڪيو کان روڪي ڇڏيو. جڏهن ته ريسڪيو 1122 جو پنهنجو آپريشن تمام گهڻو سست هو، جيڪڏهن پاڙي وارن کي گڏائي آپريشن ڪيو وڃي ها ته آپريشن جلدي مڪمل ٿي وڃي ها، پوليس جا اعليٰ آفيسر واقعي واري هنڌ آيا ته انهي وقت آپريشن ۾ تيزي آئي.
پاڙي وارن موجب جڏهن ڇت ڪري ته انهي وقت گهر ۾ سالگره جي تقريب هلي رهي هئي، ٽئين ماڙ جي ڇت کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ ڪجهه ڏينهن اڳ مٽي وڌي وئي هئي پر مٽي نرم هئي، برسات جو پاڻي جمع ٿيڻ کان پوءِ وزن وڌي وڃڻ سبب ڇت ڪري پئي.
پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نوازشريف باغبانپور ۾ ڇت ڪرڻ سبب قيمتي حياتين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي زخمين کي بهترين علاج جي هدايت ڪري ڇڏي. پوليس موجب حادثو رات جو تقريبن 10 لڳي 15 منٽن تي پيش آيو جڏهن گهر جون ڇتون هڪ ٻئي پٺيان پٽ پئجي ويون جنهن سبب سموري عمارت پٽ ٿي وئي.
حادثي وقت عمارت ۾ رهائش اختيار ڪندڙ ٽن خاندانن جا ماڻهو اندر موجود هئا جن ۾ بزرگ، عورتون، مرد ٻار، ٻارڙيون ۽ نوجوان شامل هئا. ريسڪيو اختيارين هينئر تائين ملبي مان 13 ڄڻن کي ڪڍي ورتو آهي. پوليس موجب فوت ٿي ويلن ۾ 2 عورتون، 2 مرد ۽ هڪ ٻار شامل آهي جڏهن ته 3 زخمين کي سروسز اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جتي انهن جو علاج جاري آهي.
ضلعي انتظاميه موجب امڪان آهي ته ملبي جي هيٺيان وڌيڪ 6 کان 7 ماڻهو دٻيل هجي سگهن ٿا. ڊي سي لاهور جو چوڻ آهي ته آخري متاثر شخص جي ڳولا ڪرڻ تائين ريسڪيو آپريشن بنا ڪنهن رنڊڪ جي جاري رکيو ويندو. حادثي کان پوءِ ڪمشنر لاهور رات دير سان واقعي واري هنڌ ۽ سروسز اسپتال جو دورو ڪيو، زخمين جي عيادت ڪئي ۽ امدادي سرگرمين جو جائزو ورتو.
انتظاميه موجب عمارت ڪرڻ جا سبب ڄاڻڻ جي لاءِ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته ريسڪيو اهلڪار ڳري مشينري جي مدد سان ملبو هٽائڻ ۽ امڪاني متاثرين جي ڳولا ڪرڻ ۾ مصروف آهن.
تبصرے بند ہیں۔