ڪنهن به حڪومت اپوزيشن کي اين آر او ڏنو ته سڀ کان وڏي غداري هوندي: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪنهن به حڪومت اپوزيشن کي اين آر او ڏنو ته اُها ملڪ سان سڀ کان وڏي غداري هوندي، پاڻ کي جمهوري سڏائيندڙ فوج کي چون ٿا ته حڪومت ڪيرايو، چڪوال ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اپوزيشن جهڙي نموني فوج تي حملو ڪيو ائين ملڪي تاريخ ۾ ڪڏهن به ناهي ٿيو، هاڻي پي ڊي ايم وارا فوج کي چئي رهيا آهن ته بغاوت ڪريو، عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر اپوزيشن تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو آهي ته اپوزيشن وارا چون ٿا ته فوج ڌانڌلي ڪرائي ۽ حڪومت سليڪٽيڊ آهي، اپوزيشن ثبوت ڏيڻ ۽ پارليامينٽ سوڌو لاڳاپيل فورمز تي وڃڻ بنا ئي فوج مٿان الزام لڳائڻ شروع ڪري ڇڏيا، هن چيو آهي ته اپوزيشن وارا مون کي بليڪ ميل نه ڪري سگهيا، هاڻي چون ٿا ته ادارن کي ايترو ته بليڪ ميل ڪريو جو چوري معاف ٿي وڃي، وزيراعظم وڌيڪ چيو آهي ته آصف زرداري ۽ نواز شريف هڪ ٻئي کي جيل ۾ وڌو، هاڻي وري اين آر او لاءِ گڏجي ويا، هنن ٻنهي کي اين آر او ملڻ بعد ملڪ جو قرض 30 هزار ارب تائين ٿي ويو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته اپوزيشن آرمي چيف ۽ آءِ ايس آءِ کي ٽارگيٽ ڪيو، چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي ته ڇا اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪيو؟ ڀارت مان بلچوستان اندر دهشٽگردي ٿي رهي آهي، وزيراعظم چيو آهي ته پاڪ فوج ملڪ لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، اڄ به قرباني ڏئي رهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔