جي يو آءِ ف ۾ شهنشاهيت ۽ موروثيت جو رجحان پيدا ڪيو پيو وڃي: مولانا شجاع ملڪ

پشاور: جي يو آءِ اڳواڻ مولانا شجاع الملڪ چيو آهي ته جي يو آءِ ف ۾ شهنشاهيت ۽ موروثيت جو رجحان پيدا ڪيو پيو وڃي، رُڪنيت معطلي وارو فيصلو تڪڙ ۾ ڪيو ويو، مولانا شجاع الملڪ طرفان جي يو آءِ ف مان نيڪالي ملڻ تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته اصل مسئلو پارٽي اندر سڌارا آڻڻ جو هو، اُميد هئي ته مون کان پُڇيو ويندو، پر ائين نه ٿيو، هن چيو آهي تته مولانا فضل الرحمان پنهنجا اثاثا پڌرا ڪري، نيب چيئرمين سوڌو ڪنهن جي به اڳيان ڌرڻو هڻڻ جي ضرورت نه آهي، جڏهن ته جي يو آءِ اڳواڻ مولانا عبدالقادر لوني به پارٽي سربراهه مولانا فضل الرحمان خلاف ميدان تي اچي ويو، عبدالقادر لوني چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان اُجرتي سياستدان آهي، هو اين آر او جو وڪيل بڻجي اقتدار جي حاصلات واري جنگ وڙهي رهيو آهي، جي يو آءِ مان نيڪالي ڏنل 4 اڳواڻن اسان سان رابطي ۾ آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔