ڊونلڊ ٽرمپ جي ايران کي تازي ڌمڪي

واشنگٽن: ڊونلڊ ٽرمپ عراقي تخت گاهه بغداد ۾ قائم آمريڪي سفارتخاني تي راڪيٽ حملن جو الزام ايران تي هڻندي چيو آهي ته ڪنهن به آمريڪي اهلڪار جو موت برداشت نه ڪنداسين.
ٽوئيٽ تي پنهنجي پيغام ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته جيڪڏهن هڪ به آمريڪي اهلڪار ماريو ويو ته ان جو ذميوار ايران هوندو، تنهن ڪري ايران ان تي غور ڪري.
هن الزام هڻندي چيو ته آمريڪي سفارتخاني تي تازي حملي ۾ استعمال ٿيندڙ راڪيٽ ايراني هو.
هوڏانهن ايران جي پرڏيهي وزير جواد ظريف پنهنجي ٽوئيٽر پيغام ۾ ٽرمپ جو الزام رد ڪندي ان کي آمريڪا ۾ ناڪامين تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش قرار ڏنو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔