اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اسٽيٽ بينڪ پاران پئسو ختم ڪرڻ خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد: هاءِ ڪورٽ اسٽيٽ بينڪ پاران پئسو ختم ڪرڻ خلاف داخل درخواست کي رد ڪري ڇڏيو،عدالت درخواست ٻڌڻ نه جوڳي قرار ڏئي ڇڏي.ٻڌڻي دوران درخواست گذار نويد آفتاب چيو ته ڪو 10 رپيا 32 پئسا گهري ته 11 رپيا ڏيڻا پون ٿا،ان سان گهڻو نقصان ٿئي ٿو،پيسو ڪرنسي موجود ئي آهي ته پيٽرول جا اگهه ان ۾ مقرر ڇو ڪيا وڃن ٿا؟اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس پڇيو ته ڇا هي ڪو عدالت ۾ هلائڻ جهڙو معاملو آهي؟چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته اڄ جي دور ۾ پئسو جي ڪرنسي ڪير رکي ٿو؟وڪيل چيو ته پيٽرول جي قيمت رپين ۽ پئسن ۾ وڌندي آهي، گذريل مهيني منهنجو 13 سو رپين جو نقصان ٿيو.عدالت ڄاڻايو ته هي معيشت ۽ واپار جو معاملو آهي، عدالت مداخلت ڪري نٿي سگهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔