پلاٽ الاٽمنٽ ڪيس: نواز شريف جون ملڪيتون ضبط ڪرڻ جو حڪم

لاهور: احتساب عدالت پلاٽ الاٽمنٽ ڪيس ۾ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي جائيدادن کي ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،عدالت ڊي جي نيب کي نواز شريف جي جائيداد ضبط ڪري رپورٽ ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.احتساب عدالت غير قانوني پلاٽس ڪيس جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته نوازشريف جي جائيدادن جو ريڪارڊ جاچ آفيسر عدالت ۾ جمع ڪرايو.عدالت نوازشريف جي پيش نه ٿيڻ تي جائيدادن کي ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔