نعيم بخاري جي پي ٽي وي چيئرمين طور مقرري ڪيس ۾ وفاق کي نوٽيس جاري

اسلام آباد: هاءِ ڪورٽ نعيم بخاري جي پي ٽي وي جي چيئرمين طور مقرري ڪيس ۾ وفاق کي نوٽيس جاري ڪندي اٽارني جنرل کي معاونت لاءِ گهرائي ورتو آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.چيف جسٽس معلوم ڪيو ته نوٽيفڪيشن ۾ ڪهڙي غير قانوني ڳالهه آهي؟درخواست ۾ اڳوڻي چيئرمين عطاءُ الحق قاسمي جي مقرري خلاف سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو حوالو ڏنو آهي.چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته سپريم ڪورٽ جي جنهن فيصلي جو حوالو ڏنو ويو آهي، اهو ڏيکاريو،سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي پابندي ضروري آهي.عدالت پي ٽي وي چيئرمين جي مقرري تي وفاق کي نوٽيس جاري ڪندي اٽارني جنرل کي معاونت لاءِ گهرائي ورتو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔