جميل سومرو، ضياءَ الحسن لنجار ۽ صوبائي وزير سهيل انور سيال جي عبوي ضمانتن ۾ واڌ

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ڪيسز ۾ پيپلزپارٽي اڳواڻ جميل سومرو، ضياءَ الحسن لنجار ۽ صوبائي وزير سهيل انور سيال جي عبوي ضمانتن ۾ واڌ ڪندي نيب کي انڪوائريز جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، نيب ضياءَ لنجار خلاف انڪوائري مڪمل ڪرڻ لاءِ مهلت طلب ڪئي، عدالت نيب پراسڪيوٽر کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته رڳو مهلت طلب ڪيو ٿا انڪوائري ڪڏهن مڪمل ٿيندي.سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبائي وزير سهيل انور سيال، پي پي اڳواڻ جميل سومرو ۽ اڳوني صوبائي وزير ضياءَ الحسن لنجار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ وارن ڪيسن ۾ ضمانت وارين درخواستن تي ڌار ڌار ٻڌڻي هلائي .عدالت نيب کان جوابدارن خلاف جاچ ۾ اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪئي، جنهن تي نيب پراسڪيوتر عدالت کي آهاگي ڏني ته سهيل انور سيال ۽ جميل سومرو خلاف انڪوائري جاري آهي، جڏهن ته اڳوڻي صوبائي وزير ضياءَ لنجار خلاف موڪيل رپورٽ تي نيب هيڊ ڪوارٽر ٻيهر اعتراض واري ڇڏيا آهن، جنهن ڪري ٻيهر انڪوائري لاءِ مهلت گهرجي.عدالت چيو ته توهان رڳو مهلت گهري رهيا آهيو انڪوائري ڪڏهن مڪمل ٿيندي.عدالت ضياءَ لنجار جي عبوري ضمانت ۾ 3 فيبروري ۽ صوبائيوزير سهيل انور سيال ۽ جميل سومرو جي عبوري ضمانت ۾ 10 فيبروري واڌ ڪندي نيب کي انڪوائري جلد مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔