افغانستان ۾ تازا حملا، 4 ڊاڪٽر ۽ هڪ صحافي مارجي ويو

ڪابل : افغانستان ۾ هڪ ڪار بم ڌماڪي ۾ چئن ڊاڪٽرن سميت 5 ڄڻا مارجي ويا.
پوليس ترجمان موجب اهو واقعو ڪابل جي ڏاکڻي حصي ۾ اڱاري ڏينهن ان وقت پيش آيو، جڏهن ڊاڪٽر پل چرخي نالي جيل، جنهن ۾ ڪيترائي طالبان ويڙهاڪ قيد آهن، ڏانهن وڃڻ لاءِ پنهنجي گاڏي ۾ سوار ٿي رهيا هئا.
هوڏانهن سومر جي رات اوڀر شهر غزني ۾ رحمت الله نيڪ زاد نالي هڪ صحافي کي به قتل ڪيو ويو هو.
واضح رهي ته افغانستان ۾ دهشتگرد حملا وڌي رهيا آهن ۽ ٻه ڏينهن اڳ پڻ هڪ ڪار بم ڌماڪي ۾ 10 ڄڻا مارجي ويا هئا ۽ 50 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔