ڪنهن به نئين حڪومت کي تياري کان پهرين اقتدار ۾ نه اچڻ گهرجي: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته ڪنهن به نئين حڪومت کي تياري کان پهرين اقتدار ۾ نه اچڻ گهرجي، ٽي مهينا ته اسان کي گورننس کي سمجهڻ ۾ لڳي ويا، ڏيڍ سال تائين ته صحيح انگ اکرن جي خبر ئي نه پئجي سگهي، بجلي جي باري ۾ سوچي رات جو ننڊ نٿي اچي. 

وفاقي وزيرن جي ڪارڪردگي ۽ انهن کي هدف سونپڻ واري تقريب کي خطاب دوران وزيراعظم عمران جو چوڻ هو ته ”سڀ کان پهرين شئي اها آهي ته اسان کي ان سسٽم تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي، جڏهن توهان جي ٽيم بڻجي وڃي ته پوءِ توهان کي حڪومت سنڀالڻ کان پهرين پورو وقت ملڻ گهرجي، خصوصي طور تي حڪومت سنڀالڻ جي تياري لاءِ“

هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ”توهان کي گورننس ڪيئن ڏيڻي آهي، ان حوالي سان توهان جي ٽيم کي بريفنگ هئڻ گهرجي، هر کاتي جي مثال طور ريلوي واري وزير کي سڄي بريفنگ هجي ته ريلوي جي اندر اصل ۾ ڪهڙي صورتحال آهي.

وزيراعظم چيو ته هر شعبي بابت بريفنگ هئڻ گهرجي، بجلي جي صورتحال آهي، خسارو ڪيترو آهي وغيره وغيره ته جيئن توهان عهدو سنڀاليو ته توهان کي چڱي ريت پروڙ هئڻ گهرجي ته توهان کي ڪهڙي ايجنڊا لاڳو ڪرڻي آهي.

هن وڌيڪ چيو ته جڏهن آئون پنهنجي پاڻ کي ڏسندو آهيان ته اسان کي 3 مهينا رڳو سمجهڻ ۾ لڳي ويا، هر شئي جيڪا ٻاهر کان ويهي ڏسي رهيا هئاسين جڏهن حڪومت ۾ آياسين ته اها بلڪل مختلف هئي.

وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪيترائي انگ اکر خاص طور تي توانائي جي شعبي بابت ڏيڍ سال تائين ته حقيقي انگ اکرن جي صحيح خبر ئي نه پئجي رهي هئي، ڪڏهن ڪهڙي فيگر اچي ويندي هئي ته اسان سمجهندا هئاسين ته وڏو سٺو پرفارم ڪري رهيا آهيون، پوءِ ڪٿان ٻئي وٽان ٻي فيگر اچي ويندي هئي ۽ خبر پوندي هئي ته اسان ايترو سٺو نه ڪري رهيا آهيون.

وزيراعظم عمران خان چيو ته ”آئون پنهنجي راءِ ڏئي رهيو آهيان ته ڪڏهن به نئين گورنمينٽ کي ان طرح حڪومت ۾ نه اچڻ گهرجي، ان جي پوري تياري هئڻ گهرجي، ان کي پوري طرح بريفنگ ڏيڻ گهرجي.“

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔