ڪراچي: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ايراني صدر مسعود پزيشڪيان جو دورو ڀائرن وارا لاڳاپا آهن ۽ اهو پاڪستان جي اهم ڪردار جو اعتراف هو. ڪراچي ۾ پاڪ بحريه جي پاسنگ آئوٽ پريڊ کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاس ٿيندڙ ڪيڊٽس کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو ۽ دوست ملڪن جي ڪيڊٽس کي ڏسي خوشي ٿي، معرڪهءِ حق ۾ نيوي جو ڪردار شاندار رهيو.وزيراعظم چيو ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ معاهدا پاڪستان لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي، پاڪستان جي مخلصانه ڪوششن سان اسلام آباد ۾ مفهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون، اسلام آباد اڪارڊ تي صحيحون پاڪستان لاءِ باعثِ اعزاز آهي، آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ مفهمت جي يادداشت ۾ دوست ملڪن جو تعاون قابلِ قدر رهيو جڏهن ته امن جي قيام لاءِ فيلڊ مارشل عاصم منير رات ڏينهن انتھڪ محنت ڪئي. شهباز شريف جو چوڻ هو ته ايراني صدر مسعود پزيشڪيان جو دورو ڀائرن وارا لاڳاپا آهن، اهو پاڪستان جي اهم ڪردار جو اعتراف هو، خطي ۾ وڏيون تبديليون اچي رهيون آهن جنهن جا دور رس اثر ٿيندا، اسان جي اڀرندي پاڙيسري شڪست کانپوءِ پراڪسين جو استعمال شروع ڪري ڏنو آهي، پاڪستان ٻاهرين سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جو مقابلو ڪري رهيو آهي، پاڪستاني فوج دهشتگردي کي مڪمل ناڪام بڻائڻ ۽ ان جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان دنيا ۾ امن جي علمبردار طور سڃاتو وڃي ٿو، پاڪستان ڪشمير ۽ فلسطين جي غير متزلزل حمايت جاري رکندو.
تبصرے بند ہیں۔