اڪشي ‘ويلڪم ٽو دي جنگل’ جو گانو بخار ۾ شوٽ ڪيو، اڪشرا

ممبئي : بالي ووڊ اداڪاره اڪشرا سنگهه انڪشاف ڪيو آهي ته اڪشي ڪمار فلم ‘ويلڪم ٽو دي جنگل’ جو هڪ گانو تيز بخار ۾ شوٽ ڪيو هو.ڀوجپوري اداڪاره اڪشرا سنگهه کي سپر اسٽار اڪشي ڪمار سان گڏ فلم ‘ويلڪم ٽو دي جنگل’ ۾ گاني ‘گهيس گهيس’ ڪرڻ جو موقعو مليو.ان حوالي سان اداڪاره ڀارتي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي اڪشي ڪمار سان گڏ ڪم ڪرڻ جي تجربي کي شيئر ڪيو.اڪشرا جو چوڻ هو ته جڏهن کيس خبر پئي ته هوءَ ان گاني ۾ اڪشي ڪمار جي آڏو نظر ايندي ته اهو واقعي هڪ خواب سچو ٿيڻ جهڙو لمحو هو. اداڪاره وڌيڪ چيو ته سڀ کان وڏي ڳالهه اها هئي ته اڪشي ڪمار کي شوٽنگ دوران 103 کان 104 ڊگري بخار هو، مان مشاهدو ڪندي رهيس ۽ محسوس ڪندي رهيس ته هو پنهنجي ڪم ۽ پنهنجي فن سان ڪيتري محبت ڪن ٿا، هو وڏي ذميواري ۽ لڳن سان ڪم ڪندا آهن. واضح رهي ته اڪشي ڪمار جي فلم ‘ويلڪم ٽو دي جنگل’ هلندڙ مهيني جي 26 تاريخ تي رليز ڪئي وئي آهي. ان فلم ۾ اداڪاره ديشا پٽاني، جيڪولين فرنينڊس، روينه ٽنڊن، لارا دتا، فريده جلال، سنييل شيتي، ارشد وارثي، جيڪي شروف، پاريش راول، جاني ليور، شرياس تيلپڙي، تشار ڪپور، راجپال ياديو سميت ٻين اداڪارن جي هڪ وڏي ڪاسٽ شامل آهي.

تبصرے بند ہیں۔