وينزويلا ۾ زلزلي سبب فوتگيون 920 ٿي ويون، 3000 ماڻهو زخمي

سينتاگو : وينزويلا ۾ تباهه ڪندڙ زلزلي سبب فوتگيون 920 ٿي ويون آهن جڏهن ته 3000 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي آهن. وينزويلا ۾ آفيٽر شاڪس (زلزلي جي جھٽڪن پٺيان جھٽڪا) جو سلسلو جاري آهي، جنهن ڪري شهرين ۾ خوف ۽ حراس پکڙيل آهي. ٻئي طرف وينزويلا ۾ زلزلي کانپوءِ امدادي ڪارروايون جاري آهن.برطانوي ميڊيا موجب زلزلي کانپوءِ لاپتا ٿيل ماڻهن جو انگ 50 هزار کان وڌي چڪو آهي. برطانوي ميڊيا جو چوڻ آهي ته مرندڙن جو انگ 920 ٿي ويو آهي جڏهن ته 3 هزار کان وڌيڪ ماڻهو زخمي آهن. آمريڪي جيولاجيڪل سروي موجب فوتگين جو انگ ڏهه هزار کان وڌيڪ ٿيڻ جو خدشو آهي.

تبصرے بند ہیں۔