مراد علي شاهه پاران پوليس کي ٽارگيٽڊ آپريشن وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي هدايت

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پوليس کي ٽارگيٽڊ آپريشن وڌيڪ بهتر بڻائڻ جون هدايتون ڏئي ڇڏيون. سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ امن امان بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزير ناصر شاهه، صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، آءِ جي پوليس مشتاق مهر، ايڊيشنل آءِ جي غلام نبي ميمڻ، ايڊيشنل گهرو سيڪريٽري عثمان چاچڙ، پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وڏي وزير کي آءِ جي پوليس صوبي ۾ امن امان جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني، جڏهن ته ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي ۾ امن امان جي حوالي سان بريف ڪيو. ان موقعي تي سيد مراد علي شاهه آءِ جي پوليس کي عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ جي حوالي سان بهترين پوليسنگ ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ٽارگيٽڊ آپريشن کي وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي. هن آءِ جي پوليس کي ٽريفڪ مئنيجمينٽ کي به وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي. وڏي وزير ايڊيشنل آءِ جي کي ڪراچي ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن جاري رکڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته پوليس ڪراچي شهر ۾ حددخليون روڪڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔