ڪراچي: سپريم ڪورٽ طرفان شڪارپور ۾ اغوا ٿيل ٻن ٻارڙين جي عدم بازيابي تي پوليس مٿان ڪاوڙ جو اظهار، سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ڪيس تي ٻڌڻي دوران ايس ايس پي شڪارپور ڪامران پنجوتا پيش، عدالت، پوليس تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ٻارڙين جي عدم بازيابي پوليس جي ناقص ڪارڪردگي جو واضح ثبوت آهي، پوليس کي ٻن مهينن اندر مغوي ٻارڙين کي بازياب ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.