ڪابل ۾ پوليس وين مٿان بم حملو، هڪ فوت، ٻه زخمي

ڪابل: افعان راڄڌاني جي علائقي دوغا آباد ۾ پوليس وين تي حملي جي نتيجي ۾ هڪ آفيسر ۽ ٻه اهلڪار زخمي ٿي پيا.
افغان ميڊيا موجب دوغا آباد جي علائقي ۾ ريموٽ ڪنٽرول بم ذريعي پوليس جي گاڏي کي نشانو بڻايو ويو جنهن جي نتيجي ۾ پوليس آفيسر موقعي تي ئي فوت ٿي ويو جڏهن ته ٻن اهلڪارن کي طبي امداد لاءِ ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
ٻئي طرف ڪابل پوليس به نامعلوم ماڻهن جي حملي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته حملي جي ذميواري هن وقت تائين ڪنهن به گروپ تسليم ناهي ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔