نئين سال لاءِ واٽس ايپ جا ٽي نوان فيچر ڪهڙا هوندا؟

لنڊن: مشهور ميسيجنگ ۽ ڪالنگ ايپ واٽس ايپ طرفان صارفين کي تحفظ ۽ سهوليت ڏيڻ جي لاءِ ڪيترائي حيرت ۾ وجهندڙ قدم کنيا ويندا آهن ۽ نئين سال جي موقعي تي به واٽس ايپ ۾ 3 نوان فيچرز شامل ڪيا پيا وڃن.فيس بڪ جي ملڪيت ڪمپني واٽس ايپ نئين سال جي شروعات کان اڳ ئي صارفين جي لاءِ واٽس ايپ ۾ 3 نون فيچرن جي شموليت جو اعلان ڪيو آهي. سال 2021 ۾ واٽس ايپ جا نوان ۽ حيرت ۾ وجهندڙ فيچر ڪهڙا هوندا اچو اوهان کي ٻڌايون ٿا. واٽس ايپ جي اپ ڊيٽس تي نظر رکندڙ سائٽ ويب بيٽاانفو موجب ڊيسڪ ٽاپ تي واٽس ايپ استعمال ڪندڙ صارفين جي لاءِ سٺي خبر اها آهي ته نئين سال تي واٽس ايپ صارفين جي لاءِ آڊيو وڊيو ڪالنگ جو فيچر متعارف ٿي رهيو آهي.هن فيچر جي ذريعي صارفين اسمارٽ فون جيان آن لائن به ڪال ريسيو ڪري سگهندا پر واٽس ايپ جو هي نئون فيچر شروعات ۾ محدود پيماني تي لانچ ڪيو ويندو ۽ ڪال جي بٽڻن ۾ به بيٽا ليبل موجود هوندو. ويب بيٽا انفو موجب آءِ او ايس(2.21.1.23) جي لاءِ واٽس بيٽا واٽس ايپ جو پهريون بيٽا هوندو جيڪو نئين سال تي صارفين کي واٽس ايپ ۾ هڪ کان وڌيڪ تصويرون ۽ وڊيوز کي پيست ڪرڻ جي صلاحيت ڏيندو. ويب بيٽا انفو موجب هن فيچر جي متعارف ڪرائڻ سان صارفين پنهنجي فوٽو گيلري سان ڪيتريون ئي تصويرون ۽ وڊيوز چونڊ ڪندي ٽيپ تي ايڪسپورٽ ڪري ڪري پيسٽ ڪري سگهندا.هن فيچر جي ذريعي جڏهن اوهان واٽس ايپ کوليندو ۽ چيٽ آپشن ۾ مختلف آئٽم پيسٽ ڪندا ته سموريون تصويرون ۽ وڊيو ايڊ ٿي ويندا جنهن کان پوءِ اوهان جنهن کي چاهيو ان تصوير کي سينڊ ڪري سگهندو. واٽس ايپ جي سمورن صارفين کي 2021 ۾ واٽس ايپ جي نون قاعدن ۽ ضابطن سان اتفاق ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن صارف اتفاق نٿو ڪري ته ان کي واٽس ايپ اڪائونٽ ڊيليٽ ڪرڻو پوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔