يوٽيوبر فاسٽ فوڊ بزنس جي مشهوري لاءِ گراهڪن ۾ ڊالر ۽ آءِ فون ورهائي ڇڏيا

واشنگٽن: پرڏيهي خابرو اداري موجب آمريڪي يوٽيوبر جمي ڊونلڊسن هڪ فاسٽ فوڊ چين جي شروعات ڪرائي ڇڏي آهي، يوٽيوب تي ”مسٽر بيسٽ“ جي نالي سان مشهور يوٽيوبر پنهنجي فوڊ چين کي به اهوئي نالو ڏنو آهي، پنهنجي فاسٽ فوڊ جي پهرئين ئي ڏينهن جمي ان جي وڊيو جاري ڪئي پر ريسٽورينٽ جو افتتاح ڪنهن ٻئي سبب ڪري ڪافي دلچسپ رهيو.
جمي پنهنجي نئين فاسٽ فوڊ بزنس جي شروعات ۾ آرڊر لاءِ ايندڙ گراهڪن ۾ نقد رقم ۽ انعام ورهايا، وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته جمي پنهنجي گراهڪن کي پنهنجي فاسٽ فوڊ جي تعارف سان گڏ انهن ۾ ڊالر به ورهايا.
جمي پنهنجي ريسٽورينٽ جي پروموشن وڊيو ۾ چيو آهي ته مون دنيا جو هڪ اهڙو ريسٽورينٽ کوليو آهي جتي کاڌو کائڻ کانپوءِ پيسا ڏيڻا نه پر وٺڻا ٿا پون، هلندڙ مهيني 19 ڊسمبر تي جمي جي جاري ڪيل وڊيو کي هن وقت تائين 2 ڪروڙ 30 لک ماڻهو ڏسي چڪا آهن ۽ ان آئڊيا تي مختلف قسم جا تبصرا ڪيا پيا وڃن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔