نيوزيلينڊ پاڪستان کي وائٽ واش کان بچڻ لاءِ 174 رنسن جو حدف ڏئي ڇڏيو

ويلنگٽن: ٽئين ٽي ٽوئنٽي ۾ نيوزيلينڊ پاڪستان کي کٽڻ جي لاءِ 174 رنسن جو حدف ڏئي ڇڏيو آهي.

نيپئر ۾ کيڏيل آخري ٽي ٽوئنٽي ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان شاداب خان ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. نيوزيلينڊ پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 173 رنسون  ٺاهيون ۽ ڊيون ڪونوي 63 رنسن جي اننگز کيڏي نمايان رهيو.

پاڪستان طرفان فهيم اشرف 4 اوورز ۾ 20 رنسون ڏئي 3 وڪيٽون حاصل ڪيون. جڏهن ته شاهين آفريدي ۽ حارث رئوف 2-2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.

واضح رهي ته نيوزيلينڊ ٻئين ٽي ٽوئنٽي ۾ پاڪستان کي شڪست ڏئي 3 ميچن جي سيريز ۾ فيصلو ڪندڙ برتري حاصل ڪري ورتي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔