شهباز شريف جي گهر واري نصرت شهباز سميت 6 جوابدارن جون ملڪيتون منجمد، رپورٽ جمع

لاهور:شهباز شريف جي گهر واري نصرت شهباز، رابعه عمران سميت 6 جوابدارن جون ملڪيتون منجمد ڪري ڇڏيون آهن.

ڊي جي نيب لاهور جاچ آفيسر جي ذريعي رپورت عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. مني لانڊرنگ ڪيس ۾ شهباز شريف ۽ حمزه کي لاهور جي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. شهباز شريف ۽ حمزه سميت ٻين جوابدارن حاضري مڪمل ڪرائي.

شهباز شريف عدالت کي ٻڌايو ته منهنجون ميڊيڪل رپورٽون حڪومت 15 ڏينهن تائين لڪائي رکيون. ميڊيڪل رپورٽس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته. منهنجي طبيعت بهتر آهي. شهباز شريف استدعا ڪئي ته 15-20 سال منهنجو معائنو ڪندڙ ڊاڪٽر کي شامل ڪيو وڃي. جنهن تي جج هدايت ڪئي ته اوهان لکت ۾ درخواست ڏيو، ان کي ڏسنداسين. شهباز شريف عدالت کي ٻڌايو ته ڪالهه صرف هڏين جو ڊاڪٽر جيل آيو، حڪومتي ميڊيڪل پينل ۾ ڪينسر جا ڊاڪٽر شامل نه هئا. اڄ عدالتي پيشي سبب ڊاڪٽرن جو بورڊ آيو، ميڊيڪل بورڊ حيران هو ته ٻين ڊاڪٽرن کي ڇو شامل ناهي ڪيو ويو. جنهن تي احتساب عدالت جي فاضل جج چيو ته اوهان جي ڳالهه ٻڌي ورتي آهي. اوهان جو جيڪو مسئلو آهي اوهان لکت ۾ مڪمل طور تي عدالت کي آگاهي ڏيو. اوهان جڏهن درخواست ڏيندو ته ان تي ڌار ٻڌڻي ڪندس.

ٻڌڻي دوران ڊي جي نيب جاچ آفيسر جي ذريعي عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪئي. رپورٽ موجب نيب شهباز شريف جي گهر واري نصرت شهباز، پٽ سلمان شهباز، ڌيءَ رابعه عمران ۽ ناٺي هارون يوسف جا اثاثا به منجمد ڪري ڇڏيا آهن. ٻڌڻي دوران عدالت جي ڪمري ۾ گوڙ تي فاضل جج ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. جج چيو ته جيڪي ماڻهو شهباز سان ملاقات ڪرڻ آيا آهن اهي هاڻ ٻاهر هليا وڃن. اوهان  جي گوڙ سبب ٻڌڻي ۾ پريشاني پيش اچي رهي آهي. هڪ هڪ سوال ملين ڊالر جو آهي. جيڪڏهن اوهان نه مڃيندو ته مان اٿي هليو ويندس.

ٻڌڻي دوران شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي وڪيل امجد پرويز ايڊووڪيٽ نيب جي گواهه تي جرح شروع ڪئي ته گواهه  هر ڀيري سيني تي هٿ رکي جواب ڏيڻ تي عدالت دلچسپ ريمارڪس ڏنا ته هر ڀيري سيني تي هٿ رکي جواب ڏئي رهيا آهيو.  ائين لڳي رهيو آهي جيئن اوهان ارطغرل غازي آهيو، جنهن تي عدالت ۾ ٽهڪڙو مچي ويو. شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي وڪيلن نيب جي گواهه تي جرح مڪمل ڪري ورتي جنهن تي عدالت نيب جي وڌيڪ 2 گواهن ابراهيم ملڪ ۽ محمد شريف جو بيان رڪارڊ ڪرائڻ جي طلب ڪندي وڌيڪ ٻڌڻي 4 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔