نيشنل يوٿ اسيمبلي سنڌ جو پارلياماني اجلاس!

ڪراچي:نيشنل يوٿ اسيمبلي سنڌ جو پارلياماني اجلاس سنڌ اسيمبلي بلڊنگ جي ڪاميٽي روم ۾ ڪوٺايو ويو جنهن ۾ سڄي صوبي کان نيشنل يوٿ اسيمبلي سنڌ جي ميمبرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي .

اجلاس ۾ اي پي ايس سانحي جي شهيدن ۽ شهيد بينظير ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو ،سقوط ڍاڪا جهڙي واقعن جي مذمت ڪئي وئي.

ڪورونا وائرس دوران فرنٽ لائين تي خدمتون انجام ڏيندي جان جي بازي هارائيندڙ ڊاڪٽرز کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو .

اجلاس ۾ ڪورونا وائرس دوران تعليمي نقصانن ، آن لائن ڪلاسز جي مسئلن ،تعليمي سڌارن ، نوجوانن کي صوبائي ۽ قومي اسيمبلين ۾ 20 سيڪڙو خاص سيٽن لاءِ قانون سازي، ملڪ ۾ مهانگائي جي طوفان کي روڪڻ لاءِ اعليٰ سطح جي ڪاميٽي جي قيام سميت ملڪ جي حالتن تي قراردادون پيش ڪيون ويون ۽ انهن قراردادن کي نوجوان هڪ وڏي بحث کانپوءِ وڏي اڪثريت سان منظور ڪري ورتو .

اجلاس ۾ صوبائي اسيمبلي ميمبر شميم ممتاز، جمال صديقي ۽ جوائنٽ ڊائريڪٽر اينٽي نارڪوٽڪس سنڌ عابد ذوالفقارمهمان طور شرڪت ڪئي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔