پلي بارگين ڪندڙ 218 ڪامورن، ملازمن، ۽ انجنيئرن جي تفصيلي رپورٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جمع

ڪراچي : سنڌ سرڪار پلي بارگين ۽ وي آر ڪندڙن توڙي ڪرمنل ڪيسن کي منهن ڏيندڙ 218 ڪامورن، ملازمن، ۽ انجنيئرن جي تفصيلي رپورٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي! رپورٽ موجب   سنڌ حڪومت ڪروڙين رپين جي ڪرپشن  ڪرڻ بعد رضارڪاراڻي طور ۽ پلي بارگين ڪندي نيب کي رقم واپس ڪندڙ 92 ڪامورن، انجنيئرن ۽ ملازمن جي رپورٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ کي پيش ڪئي آهي  پلي بارگين ۽ وي آر ڪندڙن ۾ ناڻي کاتي جا 15، آبپاشي کاتي جا 23، ورڪس کاتي جا 9 ڪامورا، ٻيلي کاتي جا 2، ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جو هڪ، ٻهراڙين جي ترقي واري کاتي جا 3، سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي جا 9، خوراڪ کاتي جا 25، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جا 5 آفيسر ۽ ملازم شامل آهن، جڏهن ته  ڪرمنل رڪارڊ رکندڙ 126 ڪامورن ۽ ملازمن ۾ وري سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي جا 6، خوراڪ کاتي جا 28، آبپاشي کاتي جا 19، لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز کاتي جا 5، صنعتن واري کاتي جو هڪ، ورڪس اينڊ سروسز کاتي جا 4، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جا 9، ٻهراڙين جي ترقي واري کاتي جا 11، زراعت کاتي جا 32، بورڊ آف روينيو جا 7 ۽ اطلاعات کاتي جا 4 ڪامورا شامل آهن. پيش ڪيل رپورٽ موجب  ناڻي کاتي جي موجوده سيڪريٽري 20 گريڊ جي وفاقي سروس جي آفيسر سيد حسن نقوي هڪ ڪروڙ 29 لک 60 هزار رپيا وي آر تحت جمع ڪرايا، سندس معاملو وفاقي اسٽيبلشمنٽ ڊويزن ڏانهن اماڻيل آهي، ايڪس پي سي اي گروپ جي 20 گريڊ جي آفيسر سهيل اديب بچاڻي 2 ڪروڙ 56 لک 25 هزار وي آر تحت جمع ڪرايا، جنهن سبب سندس 2018ع ۾ ترقي ماري وئي، اڳوڻي ايم ڊي سائيٽ سميت مختلف کاتن ۾ اهم عهدن تي رهندڙ وڏي وزير جي ويجهي ڀيڻوئي ايڪس پي سي ايس گروپ جي 19 گريڊ جي آفيسر سيد مهدي شاهه (مرحوم) 21 لک رضاڪاراڻي طور واپس ڪيا، سندس 3 سالن لاءِ سالياني انڪريمينٽ روڪي وئي. ايڪس پي سي ايس گروپ جي آفيسر ايل ڊي اي جي موجوده سيڪريٽري آغا شاهنواز  15 لک 78 هزار وي آر تحت جمع ڪرايا، جنهن بعد ٽن سالن لاءِ سندس ساليانو انڪريمينٽ ڪاٽي وئي ، 18هين گريڊ جي ايڪس پي سي ايس آفيسر ۽ ليبر کاتي جي موجوده ڊپٽي سيڪريٽري سليم بلوچ وي آر تحت 21 لک 87 هزار جمع ڪرايا، جنهن جي به ٽن سالن لاءِ انڪريمينٽ ماري وئي، 18هين گريڊجي ايڪس پي سي ايس آفيسر  غلام محمد ڪوريجو (مرحوم) 20 لک وي آر تحت جمع ڪرايا. سندس به ٽن سالن لاءِ انڪريمينٽ ماري وئي ، 18هين گريڊ جي وفاقي سروس جي ڪاموري محبوب 40 لک 23 هزار وي آر تحت جمع ڪرايا جنهن جون خدمتون  سنڌ حڪومت پاران 2016ع ۾ وفاقي اسٽبلشمينٽ ڊويزن حوالي ڪيون ويون هيون. 18هين گريڊ جي وفاقي سروس جي ڪاموري احسان جمالي 15 لک 45 هزار وي آر تحت جمع ڪرايا، جنهن جون 2017ع ۾ سنڌ سرڪار پاران خدمتون وفاق حوالي ڪيون ويون. 18هين گريڊ جي وفاقي سروس جي ڪاموري آصف رحيم 40 لک 24 هزار وي آر تحت جمع ڪرايا، جنهن جون خدمتون 2015ع ۾ وفاق حوالي ڪيون ويون. اهڙي طرح ورڪس کاتي ۾ قمبر شهدادڪوٽ جي سپرنٽينڊنگ انجنيئر  حبيب الرحمان پاران 3 لک 82 هزار  رپيا وي آر تحت  جمع ڪرائڻ بعد سندس سالياني انڪريمنٽ ختم ڪئي وئي ، صوبائي هاءِ ويز سب ڊويزن شهدادڪوٽ جي اي اِي اين سعيد ثناني 19 لک57 هزار وي آر تحت جمع ڪرايا، سندس 3 سالن لاءِ انڪريمنٽ ختم ڪئي وئي، بلڊنگز ڊويزن ڪراچي ٿري جي ايڪسيئين سندر مل 9 لک23 هزار وي آر تحت جمع ڪرايا، سندس 2 سالن لاءِ انڪريمنٽ ماري وئي، زين العابدين هڪ لڱ 25 هزار وي آر تحت جمع ڪرايا، جنهن بعد کيس شوڪاز جاري ڪيو ويو، بلڊنگز سب ڊويزن ٺٽو جي اي اِي اين نعيم سومرو کي 63 لک 62 هزار جمع ڪرائڻ بعد برطرف ڪيو ويو، صوبائي هاءِ ويز ڊويزن شڪارپور جي سب انجنيئر نواز عارباڻي هڪ لک 75 هزار وي آر تحت جمع ڪرايا، جنهن بعد سندس  2 سالن لاءِ انڪريمينٽ ماري وئي ، رياض ڪلهوڙو ۽  قادر کوسو کي وي آر تحت پئسا جمع ڪرائڻ بعد برطرفي سميت انڪريمنٽ مارڻ واريون سزائون ڏنيون ويون. پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جي 5 ڪامورن زاهد شاهه،نظير شيخ، سليم نبي، قطب الدين شيخ ۽ مشتاق راجپوت کي وي آر تحت پئسا جمع ڪرائڻ بعد انڪريمينٽ مارڻ سميت  مختلف سزائون ڏنيون ويون. جھنگلي جيوت ۽ ٻيلي کاتي جي 18 گريڊ جي ڊويزنل فاريسٽ آفيسر غلام قادر شاهه 2 لک 73 هزار وي آر تحت جمع ڪرايا جنهن بعد سندس هڪ سال جي انڪريمنيٽ ماري وئي ، جڏهن ته فاريسٽ آفيسر جان محمد سومرو 2لک 73 هزار وي آر تحت جمع ڪرايا، کيس شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ڪاليج ايجوڪيشن سائيڊ جي هڪ ڪاموري سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي اڳوڻي سيڪريٽري قادر بخش رند 40 لک 49هزار وي آر تحت جمع ڪرايا کيس شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي،

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔