نارووال اسپورٽ ڪامپليڪس ۾ ڪرپشن ريفرنس ۾ نون ليگ اڳواڻ احسن اقبال ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو

اسلام آباد : اسلام آباد جِي احتساب عدالت، نارووال اسپورٽ ڪامپليڪس ۾ ڪرپشن ريفرنس ۾ نون ليگ اڳواڻ احسن اقبال ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو،  ٻڌڻي دوران جوابدارن پاران ڏوهه قبولڻ کان انڪار، احتساب عدالت جَي جج احسن اقبال کي عدالت ۾ ڳالهائڻ کان روڪي ڇڏيو، ايندڙ ٻڌڻي تي شاهد طلب، عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو آهي ته پاڻ کي اسپورٽس مين ڪوٺيندڙ عمران خان جي دور ۾ راندين جو منصوبو لڳائڻ ڏوهه بڻجي ويو، ڪوڙن ريفرنس جو مقصد اپوزيشن جي ڪردار ڪُشي، دٻاءُ وجهڻ ۽ تڪليف ڏيڻ آهي، چيف جسٽس آف پاڪستان منهنجي ڪيس جي سڌي ريت ڪارروائي ڏيکاري.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔