وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ ٿي رهيوآهي

اسلام آباد : وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي، اجلاس ۾ ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال سميت 14 نڪاتي ايجنڊا تي غور ويچار ڪيو ويندو، ذريعن موجب وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ آدمشماري نتيجن توڙي اقتصادي رابطا ڪميٽي جي فيصلن جي منظوري ڏيڻ جو امڪان آهي. ٻئي طرف وزير اعظم عمران خان ٽوئٽ بيان ۾ چيو آهي ته ملڪي معاشي صورتحال گذريل سال جي ڀيٽ ۾ بهتر ٿي آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ ۾ خسارو به گهٽجي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔