سياسي حالتون تمام خراب آهن، سال 2021 سال 2020 کان وڌيڪ مشڪل هوندو:منظور وساڻ

ڪراچي : پ پ اڳواڻ منظور وساڻ چيو آهي ته منهنجي خيال ۾ سياسي  حالتون تمام خراب آهن، سال 2021 سال 2020  کان وڌيڪ مشڪل هوندو. ڪراچي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو آهي ته  آئون سينيٽ جي اليڪشن کان اڳ ڪجهه ٻيو ڏسي  رهيو آهيان،  نئين سال ۾ وڏي تبديلي به ڏسان پيو، پر ڪجهه به ٿي  سگهي ٿو، هن کان اڳ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پ پ اڳواڻ منظور وساڻ خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا انڪوائري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن سلسلي ۾ منظور وساڻ عدالت ۾ پيش ٿيو، نيب عدالت کي ٻڌايو ته منظور وساڻ خلاف جاچ مڪمل ڪري رپورٽ هيڊ ڪوارٽرز  اماڻي آهي. عدالت منظور وساڻ جي عبوري ضمانت ۾ 14 فيبروري تائين واڌ ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي…

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔