ملير ۾ پوليس مقابلو جڙتو ثابت ٿيڻ تي ذميوار پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي جو حڪم

ڪراچي : ڪراچي ۾ پوليس مقابلا جعلي ثابت ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي ، سنڌ هاءِ ڪورٽ ملير ۾ پوليس مقابلو جڙتو ثابت ٿيڻ تي ذميوار پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ايس ايس پي ملير کي اهلڪارن خلاف محمڪاڻي ڪارروائي ڪري هفتي اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم: عدالت جوابدار سهيل ۽ شير الله جي سزا ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏي، دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻنهي جوابدارن کي 5-5 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي، ملير پوليس سپر هاءِ وي ٿاڻي جي حد ۾ گذريل سال ڊسمبر ۾ مقابلي جي دعويٰ ڪئي هئي، جڙتو مقابلي ۾ مارجي ويل مسعود الله کي ڏوهاري ڄاڻايو ويو هو، ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏيندي جسٽس نظر اڪبر چيو ته مقابلي ۾ پوليس موبائيل ۽ اهلڪارن کي هڪ به گولي نه لڳي، لڳي ٿو ته پوليس ڦلجهڙي مقابلا ڪرڻ جو ڏيکاءُ ڪيو آهي، عدالت طرفان پوليس مقابلي جي جاچ ڪندڙ آفيسرز خلاف به ڪارروائي جو حڪم ڏنو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔