مريم ۽ بلاول شو پيس آهن، فيصلا نوازشريف ۽ آصف زرداري ڪندا آهن: فواد چوڌري

اسلام آباد: سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته مريم نواز ۽ بلاول ڀٽو زرداري شو پيس آهن سمورا فيصلا نوازشريف ۽ آصف زرداري ڪندا آهن.

پنهنجي ٽوئٽ ۾ فواد چوڌري چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز شو پيس آهن هنن جا سمورا فيصلا نوازشيف ۽ آصف زرداري ڪندا آهن هو پنهنجي ڪيسن مان نڪرڻ چاهين ٿا باقي ٻين معاملن مان هنن جي ڪابه دلچسپي ناهي. ٻارن سان ڳالهيون ڪري ڪنهن کي وقت وڃائڻو آهي.

وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته سياست واپس معمول تي اچي وئي آهي. هاڻ نه ته لانگ مارچ ٿيندو ۽ نه ئي استعيفائون ڏنيون وينديون. سمورا ماڻهو پنهنجي پگهار ۾ ڪم ڪندا.

ان کان اڳ پنهنجي هڪ ٻئي ٽوئٽ ۾ فواد چوڌي چيو ته وزيراعظم عمران خان پاڪستان جي پهرين ڊرون پاليسي جوڙڻ جي منظوري ڏني آهي.

ان پاليسي جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ ڊرونز ۽ خاص طور تي زرعي ڊرون جي انڊسٽري ۾ نواڻ ايندي ۽ جديد ڊرونز جي نجي طور تي درآمد به ممڪن ٿي سگهندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔