ڪورونا جي باوجود معيشت بابت سٺيون خبرون اچي رهيون آهن: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا جي باوجود معيشت بابت سٺيون خبرون اچي رهيون آهن.

سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي وزيراعظم عمران خان لکيو آهي ته اسٽيٽ بينڪ جا ذخيرا 3 ارب ڊالر آهن جڏهن ته نومبر ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس 447 ملين ڊالر رهيو.

هن چيوته مالي سال ۾ هينئر تائين ڪرنٽ سرپلس هڪ اعشاريه 6 ارب ڊالر رهيو.

وزيراعظم چيو ته ڪرنٽ سرپلس  گذريل سال جي هن مهيني هڪ اعشاريه 7 ارب هو. هن چيو ته اسٽيٽ بينڪ جي ذخيرن ۾ اهو اضافو 3 سالن ۾ سڀني کان وڌيڪ بلند ترين سطح تي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔