شوڪت عزيزسوڌو ٻين جوابدارن مٿان اختيارن جي غلط استعمال واري ريفرنس ۾ فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو

اسلام آباد : اڳوڻي وزيراعظم شوڪت عزيز سوڌو ٻين جوابدارن مٿان اختيارن جي غلط استعمال واري ريفرنس ۾ فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو، اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزيراعظم شوڪت عزيز سوڌو ٻين جوابدارن خلاف اختيارن جي غلط استعمال واري ريفرنس تي ٻڌڻي ٿي. ان موقعي تي عدالت کي ٻڌايو ويو ته ريفرنس ۾ نامزد هڪ ٻيو جوابدار بشارت حسن به ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويو، جنهن ڪري هو پيش نه ٿي سگهيو،  عدالت جوابدارن جي پيش نه ٿيڻ تي فرد جرم واري ڪارروائي 19 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي، واضح رهي ته عدالت ريفرنس ۾ شوڪت عزيز کي اشتهاري قرار ڏئي چڪي آهي……

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔