براؤزنگ تازہ ترین

تازہ ترین

سنڌ اسيمبلي جَي اسپيڪر آغا سراج دراني جِي گرفتاري لاءِ نيب جا ڇاپا

ڪراچي: آمدني کان وڌيڪ اثاثن وارَي ڪيس ۾ ضمانت رد ٿيڻ بعد سنڌ اسيمبلي جَي اسپيڪر آغا سراج دراني جِي گرفتاري لاءِ نيب جا ڇاپا، ڪراچي ۾ آغا سراج جِي گهر سميت مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا ويا، نيب جون 2 ٽيمون آغا سراج جَي گهر ٻاهران ٽن ڪلاڪن کان…

وفاقي حڪومت فيل ٿي چڪي، مهانگائي عوام جون دانهون ڪڍي ڇڏيون: امتياز شيخ

ڪراچي: صوبائي وزير امتياز شيخ چيو آهي ته مان اڳ ۾ به چيو هو ته سياري ۾ گئس جو وڏو بحران ٿيندو، مطالبو ڪيان ٿو ته گئس جي معاملي کي ڏٺو وڃي، گذريل سال به سياري ۾ وڏو بحران ٿيو هو. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته گئس نه اچڻ جي ڪري ماڻهو…

اربين رپين خرچ ڏيکارڻ باجود روڊ تباهه آهن، اين ايڇ اي جو ڪم معياري ناهي:سپريم ڪورٽ

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ چيو آھي تھ اربين رپين خرچ ڏيکارڻ باجود روڊ تباهه آهن، اين ايڇ اي جو ڪم معياري ناهي سپريم ڪورٽ سڄي ملڪ جَي هاءِ ويز بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي آھي، اين ايڇ اي چيئرمين به ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو ويو، آر سي ڊي هاءِ وي جِي…

فائرنگ واقعو: پ پ آزاد ڪشمير جي صدر گرفتاري ڏئي ڇڏي

ڪراچي: پيپلز پارٽِي آزاد ڪشمير جي صدر ۽ قانون ٺاهيندڙ اسيبملي ميمبر چوڌري ياسين فائرنگ ڪيس ۾ گرفتاري ڏئي ڇڏي. آزاد ڪشمير جي عام چونڊن دوران فائرنگ جو واقعو پيش آيو هو جنهن ۾ ٻه ڄڻا مارجي ويا هئا. ايل اي 12 ۾ فائرنگ سان سياسي پارٽي جي ٻن…

سنڌ حڪومت چوي ٿي جناح اسپتال کي بهتر هلايون پيا، پر اصل ۾ ائين ناهي: ڊاڪٽرز

ڪراچي: جناح اسپتال جي ڊاڪٽرن چيو آهي ته سنڌ حڪومت دعويٰ ڪري ٿي ته جناح اسپتال کي بهتر هلايون پيا، پر اصل ۾ ائين بلڪل به ناهي. ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڊاڪٽر نازش بٽ، ڊاڪٽر ارم بخاري ٻين چيو آهي ته اسان کي ترقيون نٿيون ملن، 2004 کان…

سنڌ ۾ اٽو مھانگو ٿيڻ جي ذميوار سنڌ سرڪار آھي: گورنر عمران اسماعيل

ڪراچي: گورنر عمران اسماعيل طرفان سنڌ ۾ اٽو مهانگو ٿيڻ جو ذميوار سنڌ حڪومت کي قرار ڏئي ڇڏيو، گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته پنجاب ۾ ڪڻڪ جاري ٿيڻ بعد اٽو 55 رُپيا في ڪلو ملي ٿو ميڊيا سان ڳالھائيندي عمران اسماعيل چيو تھ سنڌ ۾ اٽي جو اگهه 74…

نيب ترميمي آرڊيننس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج

اسلام آباد: نيب ترميمي آرڊيننس کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ويو آھي، درخواست ۾ وفاقي حڪومت، نيب چيئرمين ۽ ٻين کي ڌُر بڻايو ويو درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته رٽائرڊ ججز جي ٻيهر مقرري آزاد عدليه خلاف آهي، عدالت وفاقي حڪومت جو 8…

وزير اعظم کي اهم اداري جَي معاملن ۾ مداخلت جو اختيار ناهي: مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد: جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته وزير اعظم کي اهم اداري جَي معاملن ۾ مداخلت جو اختيار ناهي، عمران خان ذاتي ضد خاطر سڄو ملڪ جام ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان…

حڪومت تحفن جا تفصيل لڪائي ڇو شرمسار ٿي رهي آهي؟:اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد: حڪومت، وزير اعظم عمران خان کي پرڏيهه مان مليل تحفن جي تفصيلن بابت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کان هڪڀيرو ٻيهر مهلت گهري ورتي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ وزير اعظم عمران خان کي پرڏيهه مان مليل تحفن جي تفصيلن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. بڌڻي دوران…

نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري واري سمري وزيراعظم آفيس کي ملي وئي

اسلام آباد؛ نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري واري سمري وزيراعظم آفيس کي ملي وئي آھي، نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ بابت 24 ڪلاڪن ۾ نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ جا امڪان آھن، دفاع واري وزارت طرفان اماڻيل سمري وزير اعظم هائوس کي ملي وئي آھي. ذريعن موجب نئين ڊي…