ايندڙ عام چونڊن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين استعمال ٿيڻ بابت ڪجهه نٿو چئي سگهجي:اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي سيڪريٽري طرفان ايندڙ عام چونڊن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال بابت پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو ويو، سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته ايندڙ عام چونڊن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين استعمال ٿيندي يا نه ان بابت اڃا ڪجهه نٿو چئي سگهجي

سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن موجب ووٽنگ مشين جي استعمال ۾ چئلينجز آهن، ووٽنگ مشين جي استعمال بابت وڌيڪ 3کان 4پائلٽ پروجيڪٽ ڪرڻا پوندا، ٻئي طرف پي ٽي آءِ جي سينيٽر فيصل جاويد جو چوڻ آهي ته اي وي ايم نظام 30ڏينهن اندر فعال ٿي سگهي ٿو، وفاقي وزير شبلي فراز جو به چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن سان گڏ حڪومت ۽ وزارت سائنس سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔