پيپلز پارٽي ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ ڪابه مداخلت ناهي ڪئي: صوبائي وزير

ڪراچي: شھيد ناظم جوکيو قتل ڪيس بابت صوبائي وزير سعيد غني چيو آھي تھ پيپلز پارٽي ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ ڪابه مداخلت ناهي ڪئي، صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته سنڌ حڪومت ۽ پيپلز پارٽي ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ جوابدارن جي حمايت ناهي ڪئي، پ پ چيئرمين ۽ وڏي وزير جو واضح موقف آهي ته ناظم جوکيو جي وارثن سان گڏ آهيون

ھن چيو تھ پنجاب ۾ پي ٽي آءِ جا چونڊيل نمائندا قتل ڪيسز ۾ ملوث آهن، ڇا اُنهن جي خلاف ڪارروائي ٿي؟ اسان ته ڪيس داخل ٿيڻ ڏنو ۽ پنهنجي ايم پي اي کي به گرفتار ڪرايو، ڄام عبدالڪريم جي ڏوراپي بابت سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته کيس خبر نه آهي ته ڄام ڪريم پ پ طرفان ساٿ نه ڏيڻ جو ڏوراپو ڏنو آهي، ڪيس عدالت ۾ آهي، پاڻ کي بيگناهه ثابت ڪن، ايم پي اي ڄام اويس جي پروڊڪشن آرڊر جي معاملي جي خبر ناهي، ايم پي اي ۽ اسپيڪر چاهين ته اُن کانپوءِ ئي پروڊڪشن آرڊر جاري ٿي سگهي ٿو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔